ديوان گل ڪتاب جو عڪس

ديوان گل ڪتاب جو عڪس

آخوند گل محمد ھالائي خليفو

آخوند گل محمد ھالائي خليفو: خليفي گل محمد ھالائيءَ سنه 1226 هه/ 1811ع ۾ پراڻن هالن ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ گل پھريون شاعر آھي، جنھن عروض جي اصولن پٽاندڙ پنھنجو مڪمل ديوان جوڙي، ممبئيءَ مان ڇپائي 1275هه/1858ع ۾ پڌرو ڪيو، انهيءَ ڪري گل کي سنڌي عروضي شاعريءَ جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو. خليفو گل محمد وڏو عالم فاضل ۽ عارف ھو. سندس ڪلام مان پڌرو آھي ته ھو عربيءَ جو وڏو عالم ۽ پارسيءَ جو به ڄاڻو ھو، سندس ڪلام ۾ شريعت کان سواءِ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي به اپٽار ملي ٿي. خليفو گل محمد، پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ سائين جن جو معتقد مريد ۽ خاص خليفو ھو ۽ خلافت جو اھو سلسلو اڃا تائين آخوندن ۾ ھلندو اچي ٿو. اصغر سائين سندس ھمعصر شاعر ھو. جنھنڪري سندس ڪلام تي تصوف جو عنصر ۽ فقيريءَ جو رنگ غالب آھي. پاڻ سنه 1272هه مطابق 1855ع ۾ عربستان ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1811.00.00  عيسوي

خليفي گل محمد ھالائيءَ سنه 1226 هه/ 1811ع ۾ پراڻن هالن ۾ جنم ورتو .


1855.00.00  عيسوي

آخوند گل محمد ھالائي خليفو سنه 1272ھ مطابق 1855ع ۾ عربستان ۾ وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهرو ڇاٻڙيا بيوطن
شگفته شاهه
بلال شاهه
عـبـدالرئـوف عـاصـي
سنتل
در محمد فقير
صادق علي ڪنڀر
شيخ پراڙ
صابر شمس ڪلوڙ پروفيسر
سدارام ڀڳت
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون